22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: لکي غلام شاهه جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف چيف انجنيئر آفيس آڏو احتجاج

Sukkur: Protest against water shortage*سکر ۾ لکي غلام شاهه جي آبادگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف چيف انجنيئر جي آفيس اڳيان  احتجاج ڪيو.

آبادگارن عبد الرئوف جتوئي، ڪمال الدين شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي آبادگارن  چيو ته زرعي پاڻي نه پھچڻ سبب سندن  زمينون بنجر بڻجي ويون آھن.

 هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سندن چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي .

آبادگارن الزام هنيو ته چيف انجنئير پئسن عيوض  بااثر ماڻھن جي زمينن تائين ته پاڻي پھچائي ٿو پر ننڍن آبادگارن کي پاڻي نٿو فراھم ڪري.

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گهوٽڪي: مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. مرڪزي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے