26 اربع , سيپٽمبر 2018

سمورين پارٽين جي ميمبرن جو تعداد 7 آگسٽ تائين واضح ٿي ويندو: اليڪشن ڪميشن

Kario Ghanwar: Protest against police on arresting child and victimizing him with brutalityاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته رٽرننگ آفيسرن فارم 49 تي آخري سرڪاري نتيجا تيار ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد 7 آگسٽ تي سمورين پارٽين جي ميمبرن جو ڪل تعداد واضح ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي 4 آگسٽ تائين چونڊ خرچن بابت گوشوارا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن خرچن جا تفصيل ملڻ بعد جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب چار آگسٽ تائين خرچن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙن جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويندو ۽ نوٽيفڪيشن بعد آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو ٿيڻو پوندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ست آگسٽ تائين  سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن جو تعداد واضح ٿي ويندو ۽ 8 آگسٽ تي مخصوص سيٽن تي اميدوارن ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.اليڪشن ڪميشن موجب 9 آگسٽ تائين سمورن اميدوارن جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اسيمبيلين جو اجلاس گهرايو ويندو، اسيمبلي ميمبرن جي قسم کڻڻ کانپوءِ قائد ايوان جي چونڊ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے