19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: دادو ڪينال جي رھواسي جتوئي برادري جو  پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Sukkur: Protest against Police by Jatoi Community*سکر  ۾  دادو ڪينال جي رھواسي جتوئي برادري جي ماڻھن  پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو .

جتوئي برادري جي ماڻهن حاجي شمن جتوئي، ظھير علي جتوئي ، امان الله جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  چيو ته سکر پوليس گھرن تي چڙھائي ڪري  ڀڄ ڊاھ  ڪئي ۽  اٺ ماڻھن کي گرفتار ڪري کڻي وئي.

 ھنن چيو ته  کين خدشو آھي ته پوليس سندن نوجوانن کي  ڪوڙي مقابلي ۾ فل يا آف فرائي نه ڪري ڇڏي .

ھنن اعليٰ اختيارن کان گھر ڪئي آهي ته سندن گرفتار ڪيل نوجوانن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے