20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو جان محمد: شهرين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Tando Jan Mohammad: protest against protesters' meeting of basic facilitiesٽنڊي جان محمد ۾ رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

وارڊ نمبر 5 گلڻ ڪالوني جي پپو آرائين، عاشق ۽ علي احمد سميت نيڪال وارو نظام نه هجڻ ۽ روڊ رستا اکڙڻ خلاف احتجاج ڪيو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته 1988 کان سندن ڪالوني ۾ ڪا به سهولت ناهي، گٽرن جو گندو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل رهي ٿو، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن چيو ته ڪالوني ۾ بجلي به ناهي، روڊ رستا خراب هجڻ سبب هر وقت نقصان جو خدشو آهي.

رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪالوني ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري سندن پريشاني ختم ڪن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے