25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ 40 لک شهري تصديق ٿيل شهرين جي فهرست ۾ خارج

In India, 40 million citizens are deported in the list of confirmed citizensگوهاٽي(ويب ڊيسڪ) مودي سرڪار آسام رياست جي 40 لک رهواسين کي ڀارتي شهريت کان محروم ڪندي پنهنجي شهريت ثابت ڪرڻ لاءِ سپٽمبر تائين آخري موقعو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب آسام جي گادي واري شهر گوهاٽي مان شهرين جي ٻي ۽ آخري فهرست جاري ڪئي وئي. فهرست ۾ 40 لک درخواست گذارن کي ڀارتي شهري تسليم ناهي ڪيو ويو . شهريت لاءِ مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 29 لک شهرين ڪاغذ داخل ڪيا هئا جن مان 2 ڪروڙ 89 لک شهرين جي ڪاغذن کي درست جڏهن ته 40 لک شهرين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت شهريت ثابت ڪرڻ تي 40 لک شهرين کي پنهنجي شهريت ثابت ڪرڻ لاءِ سپٽمبر تائين جو وقت ڏنو آهي مقرر وقت تائين ڪنهن به قسم جي قانوني ڪاروائي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. آسام حڪومت چيو آهي ته 40 لک شهرين طرفان جمع ڪرايل نون ڪاغذن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي. ڀارتي حڪومت طرفان انهن 40 لک ماڻهن کي قوميت ۽ سڃاڻپ جي حوالي سان ڪو به تفصيل جاري ناهي ڪئي وئي، پر آسام ۾ رهندڙ بنگال ڄاون شهرين ۾ مايوسي واري صورتحال آهي ۽ انهن  خدشي جو اظهار پڻ ڪيو آهي ته شهريت جي تڪرار ۾ کين نشانو بڻايو پيو وڃي، انهن علائقن ۾ امڪاني احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته رياست ۾ شهريت لاءِ ٽه ڪروڙ 29 لک شهرين دروخاستون ۽ ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جن مان هڪ ڪروڙ 90 لک ماڻهن جا نالا سامل هئا جڏهن ته ٻي فهرست ۾اهو انگ 2 ڪروڙ 89 لک تائين وڃي پهتو پر 40 لک شهرين کي اڃان تائين شهريت ناهي ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Only evidence evidence will be based on Money Laundering cases: British Home Minister

مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ رڳو چٽن ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ٿيندي: برطانوي گهرو وزير

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد چيو آهي ته برطانيا پاڪستانين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے