19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ 7 ورهين جي نينگري زيادتي بعد قتل

In India, 7-year-old girl was killed in a hurryنئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگري کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو شروعاتي طبي رپورٽ ۾ ٻارڙيءَ سان زيادتي جي تصديق ٿي . ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب نينگري 2 ڏينهن اڳ گم ٿي وئي هئي، پر گذريل رات نينگري جو لاش گهر ڀرسان مليو، نينگري جي والدين ٻڌايو ته ثقافتي تهوار ملهائڻ بعد سندن ڌيءَ گهر جي ٻاهران کيڏي رهي هئي ته ان دوران  ئي هوءَ گم ٿي وئي.ٻئي پاسي پوليس چيو آهي ته لاش گهر کان تقريبن 200 ميٽرن جي مفاصلي تي مليو آهي، پوليس واقعي جي جاچ لاءِ خاص ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. جهلاور ضلعي جي سپرنٽنڊنٽ پوليس آنند شرما ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ٻارڙيءَ سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن فارنسڪ ٽيم کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي جيڪا جاچ ۾ مدد ڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے