25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

شهيد بينظير اسپتال ۾ مريضن کي ملندڙ پاڻي خطرناڪ قرار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڻي جي نيڪالي ۽ فراهمي ڪميشن جي سنڌ هاءِِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ اينڊ واٽر ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڪميشن شهيد بينظير آباد اسپتال ۾ مريضن کي ملندڙ پاڻي کي خطرناڪ قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريض پاڻي سان خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.  پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڪميشن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ اينڊ واٽر جي رپورٽ ڪميشن سامهون پيش ڪئي وئي. سيڪريٽري صحت، ورڪس اينڊ سروسز،  شهيد بينطير آباد اسپتال جو ايم ايس به عدالت ۾ پيش ٿيو. ڪميشن کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهيد بينظير اسپتال ۾ مريضن کي ملندر پاڻي خطرناڪ آهي جنهن سبب مريض خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ اسپتال انتظاميه ڪيترن ئي مهينن کان ڪوٽريج به تبديل نه ڪرايا ويا آهن. ان موقعي تي ڪميشن جي سربراهه ايم ايس سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي مريضن جو ٿورو به احساس ناهي، مريض ٺيڪ ٿيڻ لاءِ اسپتال اچن ٿا پر توهان کين ٻين مرضن ۾ مبتلا ڪري رهيا آهيو، 30 ڪروڙ رپيه پاڻي صاف ڪرڻ جي نالي تي خرچ ڪيا ويا ۽ تمام گهڻي ڍل ڏني وئي، هاڻي 30 ڪروڙ رپيه واپس ڪيو يا ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو وڃي، توهان ماڻهن خلاف ڪيس نيب، ايف آءِ اي يا اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے