22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ پوري قوم ڏانهن وڃي ٿو:شيرين مزاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ پوري قوم ڏانهن وڃي ٿو، جنهن 2018ع جي عام چونڊن ۾ ملڪ ۾ تمام وڏي تبديلي جو فيصلو ڪيو. هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي شيرين مزاري چيو تھ  عمران خان  جي 22 سالن جي جدوجهد رنگ لاٿو ۽  پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي. هن چيو تھ هو  آمريڪا سان برابري، گڏيل احترام ۽ بين الاقوامي قانون جي دائري ۾ رهندي  بهتر ناتا  چاهن ٿا.شرين مزاري چيو تھ  گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ  جي ووٽ بئنڪ ۾ به اضافو ٿيو آهي جيڪا آجيان جوڳي ڳالهه آهي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ماڻهو ملڪ ۾ تبديلي چاهي ٿو جنهن لاءِ هن عمران خان جي پيغام کي ٻڌندي ان جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.هن چيو ته اميد آهي ته حلف کڻڻ بعد عمران خان افغانستان جو دورو ڪندو.شيرين مزاري چيو تھ  مودي ۽ جندال جا شريف خاندان سان ناتا رهيا آهن ۽ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي تي ڀارتي ميڊيا جي واويلا به سڀ ڪجهه واضح  ڪري رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪندي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي هنن  جي اولين ترجيح هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے