20 خميس , سيپٽمبر 2018

آخرڪار اسان کان نالو ڇو وسري ويندو آهي ؟

Why is it lost since now?ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڪثر ماڻهن سان ملڻ جلڻ دوران جڏهن ڪنهن نئين فرد سان ملاقات ٿيندي آهي تڏهن نالن جي ڏي وٺ ٿيڻ بعد به اسان  ان شخص جو نالو وساري ويهندا آهيون ۽  جڏهن به ٻيهر نالو ياد ڪرڻو پوندو آهي اڪثر مسئلو پيش ايندو آهي، پر اسان اهڙي غلطي ڇو ڪندا آهيون؟ ان جون ڪهڙا ممڪن سبب آهن. هڪ آمريڪي طبي تحقيق ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي. ڪيليفورينا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جي  سڀ کان سادي وضاحت هي  آهي ته اسان کي ان نئين ملندڙ شخص سان ڪا به دلچسپي ئي ناهي هوندي. تحقيق موجب اهڙا ماڻهو اهڙيون  شيون ياد رکڻ ۾ وڌيڪ بهتر هوندا آهن جيڪي کين ڪجهه سکڻ لاءِ پُرعزم ڪن،  ڪيترائي ڀيرا اسان کي ماڻهن جي نالن سان حوصلو ملندو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا اهي نالابيزا ر ڪري ڇڏيندا آهن. انڪري اهڙن نالن کي ذهن ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي جيڪي بيزاري جو سبب بڻجندا آهن. پر ان باوجود تحقيقدانن جو چوڻ آهي ته ائين هميشه ناهي ٿيندو، اڪثر ماڻهو ڪنهن ڪنهن شخص جو نالو ياد رکڻ جا خواهشمند هوندا آهن پر اهو وساري ويهندا آهن. هنن ٻڌايو ته اهو انڪري ٿيندو آهي ڇو ته ڪنهن سادي شيءَ جهڙي نالي کي ياد رکڻ جي حوالي سان دماغي عمل جي اهميت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. پر هڪڙو سبب اهو به هوندو آهي ته ڪو نالو اهڙو هجي جيڪو دماغ کي دلچسپ نه لڳي يا اهڙو ڪيترائي ماڻهو جن سان توهان جي ڄاڻ سڃاڻ هجي، جن جو نالو پڻ ساڳو ئي هجي. ان جي ڀيٽ ۾ اهڙو نالو جيڪو تمام گهٽ ماڻهن جو هجي، ان کي ياد ڪرڻ پڻ مشڪل هوندو آهي جڏهن ته هر نالو کي دماغ جي گوڙ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.

نالا ڪيئن ياد رکجن؟

تحقيق موجب جڏهن ڪو شخص توهان کي پنهنجو نالو ٻڌائي، ته ان کي هڪ ڀيرو يا 2 ڀيرو دهرايو ته جيئن دماغ تي وڌيڪ طاقتور اثر پون. جيڪڏهن پوءِ به نالو وسري وڃي ته ان لمحي کي ياد ڪيو جنهن وقت توهان جي ان شخص سان ملاقات ٿي هئي، ماحول کي ياد ڪيو يا ان سان ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪيو، ته جيئن يادداشت تازي ٿي ڪري نالو ذهن تي اُڀري اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے