26 جمعرات , اپریل 2018

سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ تباهي

رپورٽ : نويد راڄپوت
رپورٽ: دسرت ڪڏيچو
آواز : آصف ٿيٻو
سڄي دنيا ۾ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين جي ڪري سڀ کان وڏو اثر پاڻيءَ جي ذخيرن تي ٿيو آهي، جنهن جو اثر پاڪستان تي به ٿيو آهي. سنڌوءِ درياءَ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب نه رڳو انسان پر حيوان به متاثر ٿيا آهن. شينهن درياءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب پلو ته پري رهيو، پر هاڻي ننڍي مڇي به ميسر ناهي. جنهن سبب سنڌوءَ تي پيٽ پاليندڙ لکين مهاڻا پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهن. هلندڙ سال درياءَ ۾لڳاتار پاڻي جي گهٽتائي ٿيڻ ڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب درياءَ جي هيٺيائين حصي جو پاڻي سائي ڄار ڄمڻ ۽ گدلاڻ جي وڌڻ ڪري زهريلو ٿي ويو آهي، جيڪو آبي حيات سان گڏ انساني حياتين جي لاءِ هاڃيڪار بڻجي رهيو آهي.

درياءِ ۾ مڇي ماري خاندان جو گذر سفر ڪندڙ مهاڻن درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت عوامي آواز ٽي سان پنهنجا حال اوريندي ٻڌاين ٿا ته …………………

اپر اسٽريم کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي ساحلي پٽي وارن علائقن بدين، ٺٽو ۽ ڪراچي طرف سمنڊ جو چاڙهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ جي 20 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زرخيز زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ سنڌوءَ جي پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ سان ساحلي علائقي جي زمين جو ڳچ حصو سمنڊ جي والار هيٺ اچي ويندو،

هن وقت ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن کي گهرجي ته درياءَ جي پاڻي کي اپر اسٽريم ۾ روڪڻ بدران ڊائون اسٽريم ۾ڇوڙ ڪيو وڃي، ته جيئن درياءَ جي ڪنڌي تي آباد لکين مهاڻن جي فاقا ڪشي ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کي سمنڊ جي اڳتي وڌڻ کان بچائي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:پنگريو: آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  جو زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

* پنگريو ۾ سوين آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  شادي سمال واھ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے