20 خميس , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون: اڪثريت جو مان رکڻ گهرجي

25 جولاءِ جي عام چونڊن کان پوءِ جي صورتحال تي جي نظر ڦيرائجي ته صرف خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف ۽ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به اتحادي کي ساڻ کڻڻ بنا اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن، جڏهن ته وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. وفاق ۾ 272 جي ايوان ۾ 115 سيٽن سان پاڪستان تحريڪ انصاف اڪثريتي جماعت طور ته ضرور سامهون آئي آهي پر ان کي سادي اڪثريت لاءِ 152 ميمبر گهرجن جنهن لاءِ کيس وڌيڪ 37 ميمبرن جي ضرورت آهي. تحريڪ انصاف جيئن ته اڪثريت ۾ آهي تنهن ڪري وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ ان جو حق آهي جنهن جي ان کي دعوت ملڻ گهرجي.

تحريڪ انصاف جي قيادت وري گهربل ميمبرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي، جهانگير ترين کان ويندي پارٽي جا اهم اميدوار آزاد نموني چونڊيل ايم اين ايز سان رابطي ۾ به آهن. اميد ڪئي پئي وڃي ته تحريڪ انصاف آزاد اميدوارن ۽ ننڍن گروپن سان رابطا ڪري پنهنجو گهربل انگ پورو ڪندي ۽ وفاق ۾ حڪومت به ٺاهيندي. ان ڏس ۾ پارٽيءَ جي اهم اڳواڻ جهانگير ترين ايم ڪيو ايم سان به رابطو ڪيو آهي جنهن وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ 6 سيٽون آهن.

پنجاب ۾ اڳوڻي حڪمران جماعت يعني مسلم ليگ نواز صوبائي اسيمبليءَ ۾ 127 جڏهن ته عمران خان جي پاڪستان تحريڪ انصاف کي 123 سيٽون مليون آهن، ٻنهي جماعتن کي مليل سيٽن ۾ جيتوڻيڪ چئن سيٽن جو فرق آهي پر آئين ۽ جمهوريت جي تقاضا اها آهي ته جنهن جي اڪثريت هجي تنهن کي ئي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. بلڪل ايئن جيئن وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪري رهي آهي پر پنجاب ۾ ان ڏس ۾ ان جو ڪردار بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿو.

اهي به اطلاع آهن ته جن جماعتن کي جتي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل ميمبرن جو تعداد موجود نه آهي سي ميمبر خريدي رهيون آهن جن کي سياست جي ٻولي ۾ ”هارس ٽريڊنگ“ چئجي ٿو، سو اها حڪومت ۽ اها جمهوريت جيڪا ”هارس ٽريڊنگ“ جي ذريعي يا ميمبر خريد ڪري قائم ٿئي تنهن جي ساک اڳيان بهرحال هميشه سواليا نشان لڳل هوندو. هارس ٽريڊنگ جو مثال پاڪستان جي سياست ۾ اڄ جو ناهي اهو عمل ته هن ملڪ اندر لڳ ڀڳ هر چونڊن کان پوءِ ٿيندي نظر آيو آهي، خاص ڪري 90ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن چونڊيل حڪومت جي عمر پندرهن ويهه مهينا مس هوندي هئي تڏهن گهڻو هوندو هيو ۽ پوءِ ان ڏهاڪي ۾ هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ميمبرن جو انگ پورو ڪري جيڪي حڪومتون ٺهيون تن جو جيڪو مستقبل ٿيو، تن جي جيڪا ساک ٺهي سا ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي.

پاڪستان ۾ جمهوريت جي تاريخ ڪا آئيڊيل ناهي رهي. 70ع کان وٺي اڄ تائين چونڊيل حڪومتون لوڏن ۾ رهيون آهن هر اليڪشن ۾ نتيجا اهڙا آيا آهن جو سياسي جماعتون اڪثريت ماڻڻ باوجود به فردن جون محتاج ۽ ڳيجهو رهيون آهن ۽ پوءِ کين ڪن قوتن جي چوڻ تي انهن ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي به وڃي ۽ اهي حڪومتون ٺاهي به وٺن تڏهن به اهي نه ته فيصلن ۾ آزاد هجن ٿيون ۽ جي عوام جي مفادن وارا ڪي فيصلا ڪرڻ به چاهين ته تڏهن به اهي قوتون جن جي مهرباني سان جيڪي کين کٽل ميمبرن ملندا آهن سي هڪ لحظي ۾ انهن چونڊيل حڪومتن کي مضبوط چونڊيل حڪومت مان مجبور چونڊيل حڪومتون بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ ايئن ئي عوام جي مينڊيٽ باوجود اهي چونڊيل حڪومتون بحران ۾ هونديون آهن نه ته وزيراعظم آئيني مدو پرو ڪري سگهندا آهن نه ئي وري حڪومتون. سو بحران ۽ بيچيني واري ان ڪيفيت ۾ بک بيروزگاري ۽ غربت وارا مسئلا صحت تعليم، بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ روزگار جا مسئلا جيئن جو تيئن جتي آهن اتي ئي رهن ٿا ۽ چونڊيل حڪومتون جن جي رحم ڪرم تي هجن ٿيون تن طرفان سڪتو ڪڍي بي ساهيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ ايئن اڄ تائين هتي مضبوط جمهوريت بس هڪ خواب ئي بڻيل آهي.

ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي ته جنهن جماعت جي جتي اڪثريت آهي تنهن کي حڪومت ٺاهڻ جو آئين ۽ قانون موجب ڀرپور موقعو ملڻ گهرجي، لالچ لوڀ سان ميمبر خريدڻ يا هارس ٽريڊنگ واري روايت نه ملڪ جي مفاد ۾ آهي نه ئي وري عوام جي مفاد ۾. پاڪستان اڄ جنهن بحران مان گذري رهيو آهي سو بحران اڄ جو ناهي، اهو بحران گذريل 70 سالن کان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيو آهي پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ ان ڪري مختلف آهي جو پهريون ڀيرو آهي جو 2008ع کان پوءِ ٽين آئيني حڪومت وجود ۾ اچي رهي آهي، چونڊيل نمائندا اقتدار جو واڳون به سنڀالي رهيا آهن سو مضبوط آمريت کان ڪمزور جمهوريت به بهتر واري مثال جيان جيئن جيئن جمهوريت هلندي رهندي تيئن تيئن پاڪستان مضبوط جمهوريت ڏانهن وڌندو ۽ مضبوط جمهوريت ئي هن ملڪ جي دردن جو درمان آهي، عوام جي دردن جو درمان آهي ڇو جو جمهوريت آهي ئي عوامي راڄ، آهي ئي جمهور يعني عوام جي حڪومت، سو اها حڪومت جنهن جي فيصلن ۾ عوام شريڪ رهي تنهن سان ئي هن ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهجي ٿي.

سومر 30 جولاءِ 2018ع، 16 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے