24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي طبعيت ٻيهر خراب، اڊيالا کان پمز اسپتال منتقل

Transfer Amtani Hospital to Nawaz Sharif's jail, Securities official set up in PIMراولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبعيت خراب ٿيڻ سبب پمز اسپتال روانو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر بيمار ٿي ويو آهي ۽ جيل انتظاميا ڊاڪٽرن جي صلاح تي کيس پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پمز اسپتال ۾ نواز شريف جي امڪاني منتقلي سبب اڳ ئي اضافي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي، ان ڏس ۾ وفاقي پوليس جي وڏي نفري بڪتربند سميت اسپتال ٻاهران پهتي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ معائني کانپوءِ عمارت کي ڪليئر قرار ڏنو. جيل انتظاميا جي ذريعن موجب نواز شريف کي پمز اسپتال ۾ پرائيويٽ ڪمري ۾ رکيو ويندو، پمز جي ڀرپاسي وارين عمارتن تي نشاني باز اهلڪار ۽ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے