26 اربع , سيپٽمبر 2018

فخر زمان ون ڊي رينڪنگ ۾ ڪيريئر بيسٽ پوزيشن ماڻي ورتي

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين اوپننگ بيٽسمين فخر زمان پهريون ڀيرو ون ڊي رينڪنگ ۾ ڪيريئر بيسٽ 16هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل تازي ون ڊي رينڪنگ موجب بابر اعظم ٻئي نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته فخر زمان 16هون نمبر ماڻيو آهي. زمباببوي کي پنجن ئي ميچن ۾ شڪست ڏيڻ باوجود سرفراز اليون جو رينڪنگ ۾ ساڳيو پنجون نمبر آهي. زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز دوران فخر زمان 515 رنسون ٺاهيون، جنهن عيوض جو 22 درجا ترقي ڪندي 16هين نمبر تي پهچي ويو. بيٽسمينن ۾ ڪوهلي جو پهريون، بابر اعظم جو ٻيو، جو روٽ جو ٽيون ۽ روهت شرما جو چوٿون نمبر آهي. بالرن ۾ جسپريت بمرا پهرين، راشد خان ٻئي ۽ حسن علي ٽئين نمبر تي آهي. آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن پهرين، محمد نبي ٻئي ۽ محمد حفيظ ٽئين نمبر تي موجود آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے