18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسان کان پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق کسيو پيو وڃي: سعد رفيق

The case can not stop the way of Sharif's companions: Saad Rafiqلاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان کان پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق کسيو پيو وڃي، سوچيو به نه هو ته پنجاب ۾ اپوزيشن ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته تڪراري نتيجن سان سياسي قوتن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، ملڪ اندر بداعتمادي ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن کان پنهنجي تڪ ۾ ووٽن جي ڳڻتي جو ٻيهر مطالبو ڪندي چيو ته اياز صادق جو تڪ کوليو ويو، منهنجو تڪ ڇو نٿو کوليو وڃي. سعد رفيق چيو ته آر او ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته منهنجي تڪ ۾ ري ڪائونٽنگ ڪرائي، بنا تڪ کولڻ ٻيهر ڳڻپ تي ايندڙ رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي چئلينج ڪنداسين. هن چيو ته چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو، هزارن جي انگ ۾ ماڻهو گهر موٽي ويا، ووٽرن جيڪي ووٽ وڌا آهن، اهي ئي دٻن مان نڪرڻ گهرجن. ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ٻڌايو وڃي ته نواز شريف جي طبعيت خراب آهي، اسان جيل وڃون يا نه، ان جو اسان کي ڪو خوف ناهي، اڳ به جيل ويا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Feudal locked school and captured its land

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان سزا مليل چئن جوابدارن جي سزا روڪي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ  )  سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن مان سزا مليل  چئن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے