23 آچر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي وي سي کي هٽائي ڇڏيو

The order of the arrest of the PTI's newly elected MPA Nadim Abbas Bara by the Chief Justiceلاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي عهدي تان هٽائي 30 ڏينهن اندر نئون وي سي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي ۾ وي سي جي ميرٽ خلاف مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت وائيس چانسلر ڊاڪٽر عظميٰ کي عهدي تان هٽائي 30 ڏينهن ۾ نئون وي سي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڊاڪٽر عظميٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته رپورٽ توهان خلاف آئي آهي، ڪنهن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته يونيورسٽي ۾ سينيئر پروفيسر کي ايڪٽنگ وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے