24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊوڄام: ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، هڪ عورت فوت، ٻي عورت سميت 4 زخمي

Tando jaam: Truck and trunk, one woman shot, 4 injured including womanٽنڊي ڄام ڀرسان ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر لڳڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ ٻي عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ويجهو ڊرائيور جي غفلت سبب رڪشا بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾  مسافر عورت زبيده ڀٽي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻي عورت سوڌو چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد زخمين کي حيدرآباد نيو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ ۽ رڪشا کي تحويل ۾ ورتو.

زخمين ۾ هڪ عورت شمشاد ڀٽي، رڪشا ڊرائيور بابو ڪليري ۽ عمران ڀٽي سوڌو 4 ڄڻا شامل آهن.

ٻڌايو پيو وڃي ته  فوتي عورت ۽ زخمي ڀٽي ڳوٺ جا رهواسي آهن، جيڪي دوا وٺڻ ٽنڊي ڄام وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | جروار: ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي سان تذليل  مامري جو نئون رخ سامهون اچي ويو

جروار ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي سان تذليل  مامري جو نئون رخ، الزام هيٺ آيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے