19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي جيل کان امڪاني اسپتال منتقلي، پمز ۾ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر

Transfer Amtani Hospital to Nawaz Sharif's jail, Securities official set up in PIMاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپتال ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي جيل کان امڪاني منتقلي تي پمز اسپتال ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ وي آءِ پي وارڊ جي ٻاهران پڻ پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب انتظاميا لاڳاپيل ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي موقعي تي پهچڻ ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن کي وي آءِ پي وارڊ جي آس پاس کان هٽائڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار پمز جي مختلف حصن ۾ مقرر آهن.ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب آءِ جي جيل   گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو، نگران گهرو وزارت جي ذريعن موجب نگران حڪومت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي رپورٽ بعد اڳوڻي وزيراعظم کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرن موجب نواز شريف جي اي سي جي رپورٽ معمول کان هٽي ڪري آئي انڪري سندس صحت بابت ڪنهن قسم جو رسڪ نٿا کڻي سگهون. شوڪت جاويد چيو ته نواز شريف معمول موجب واڪ ڪندو آهي پر پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ جي جيل   گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو، نگران گهرو وزارت جي ذريعن موجب نگران حڪومت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي رپورٽ بعد اڳوڻي وزيراعظم کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم کي مجموعي طور تي 11 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد 13 جولائي تي اڳوڻي وزيراعظم کي لنڊن کان وطن واپسي تي گرفتارري ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے