21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اين اي 114 جي 10 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ، محبوب سلطان جي ليڊ 503،  فيصل صالح حيات پاران سمورن پولنگ اسٽيشن جي ڳڻپ جو مطالبو

10 polling stations, NA-114, re-counting, Mehboob Sultan's lead 503, Faisal Saleh Hayat demanded the counting of all polling stations.جهنگ(ويب ڊيسڪ) جهنگ جي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 114 ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار محبوب سلطان جي ليڊ گهٽ ٿي 503 ٿي وئي ان تي پيپلز پارٽي جي اميدوار مخدوم فيصل صالح حيات سمورين پولنگ اسٽيشن جي رد ڪيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اين اي 114 ۾ پيپلز پارٽي جي مخدوم فيصل صالح حيات جي درخواست تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي، اين اي 114 جي پولنگ اسٽيشن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ 86 ووٽن جو فرق اچي ويو ۽ تحريڪ انصاف جي محبوب سلطان جي ليڊ گهٽ ٿي 503 ٿي وئي. جنهن بعد پيپلز پارٽي جي مخدوم فيصل صالح حيات سمورين پولنگ اسٽيشن جي رد ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے