26 اربع , سيپٽمبر 2018

ذهني ۽ جسماني طور معذور ٻار اکين جي اشارن سان ڪتاب لکي ڇڏيو

Write a book with mental and physical signs of disabilitiesڪراچي(ويب ڊيسڪ) معذوري ڀلي ڪيتري تڪليف ڏيندڙ ڇو نه هجي جيڪڏهن عزم ۽ حوصلو بلند هجي ته ڪجهه به ڪرڻ ناممڪن ناهي هوندو جيئن 12 ورهين جي معذور برطانوي جوناٿن ثابت ڪري ڏيکاريون آهي. جوناٿن بريان پيدائشي ذهني ۽ جسماني طور تي فالج جو شڪار آهي جنهن سبب اهو معصوم نه ڳالهائي سگهي ٿو نه ئي لکي سگهي ٿو پر ان باوجود سندس ماءُ پيءُ کيس ڳالهيون سمجهائڻ لاءِ اشارن جو سهارو وٺندا آهن. جوناٿن جي والدين جڏهن تعليمي ماهرن سان مشورو ڪيو ته سڀني اهو جواب ڏنو ته جوناٿن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران سخت تڪليف کي منهن ڏئي سگهي ٿو ۽ ڪير به کيس پڙهڻ لکڻ نه سيکاري سگهندو. جوناٿن جي امڙ شينٽل بريان دلشڪستو ٿيڻ بجاءِ همت ڪري پنهنجي پٽ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اسڪول وٺي وڃڻ لڳي ته جيئن هو پڙهڻ لکڻ جي قابل ٿي سگهي. 9 ورهين جي عمر ۾ جوناٿن اسپيلنگ ڪرڻ سکي ۽ اي ٽران فريم جي مدد سان ڪتاب لکي ڇڏيو. اي ٽران فريم هڪ خاص قسم جو شفاف پلاسٽڪ بورڊ هوندو آهي جنهن ۾ اکر رنگين ڪوڊنگ سسٽم تي ٻڌل هوندا آهن، ان ذريعي گونگا ۽ هٿن کان معذور ماڻهون اشارن جي مدد سان الڳ الڳ اکرن جي نشاندهي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا. جوناٿن پڻ ان طريقڪار ذريعي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ اکين جي مدد سان ”eye can warite“  نالي ڪتاب لکيو. هڪ انٽرويو دوران جوناٿن جو چوڻ هو ته هو آواز آهي ان لاءِ جن وٽ آواز ناهي، منهنجو ڪتاب پڙهي ماڻهو منهنجي نظر ڏسي سگهندا ۽ منهنجو خدا تي ايترو مضبوط يقين آهي اهو پڻ ڄاڻي سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Webmaster Tools with Google login features for Google Chrome version concerns about data privacy

گوگل ڪروم ورزن 69 جي پاڻمرادو لاگ اِن فيچر سان واهپيدارن کي ڊيٽا پرائيوسي جا خدشا

ڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي مشهور برائوزنگ ڪروم نئين ورزن 69 ۾ شامل پاڻمرادو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے