19 اربع , سيپٽمبر 2018

اين اي 73 تي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل مڪمل، خواجه آصف جي ڪاميابي برقرار

Recruitment process on NA-73 completed, Khawaja Asif's successful retirementلاهور(ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي تڪن ۾ اميدوارن جي طرفان درخواستن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو مرحلو جاري آهي جڏهن ته اين اي 73 سيالڪوٽ تان مسلم ليگ ن جي خواجه آصف پنهنجي ڪاميابي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو. اين اي 73 سيالڪوٽ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل مڪمل ڪيو ويو جنهن بعد خواجه آصف جي ڪُل ووٽن ۾ 45 ۽ عثمان ڊار جي ووٽن ۾ 132 ووٽن جو اضافو ٿيو. خواجه آصف هڪ لک 16 هزار 957 ووٽ حاصل ڪيا هئا جيڪي هاڻ وڌي هڪ لک 17 هزار 2 ٿي چڪا آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف جي عثمان ڊار هڪ لک 15 هزار 464 ووٽ حاصل ڪيا هئا جڏهن ٻيهر ڳڻپ بعد سندس مجموعي ووٽون جو انگ وڌي هڪ لک 15 هزار 596 ٿي ويو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي اميدوار عثمان ڊار تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني هئي جنهن بعد خواجه آصف پنهنجي ڪاميابي برقرار رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے