19 اربع , سيپٽمبر 2018

پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل: سپريم ڪورٽ ڪيس نيب کي موڪلي ڇڏيو، 10 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

Punjab Company Scale: Supreme Court sent the NAB to a report in 10 daysلاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل ڪيس قومي احتساب بيورو(نيب) ڏانهن موڪليندي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي سمورين ڪمپنين جي سي اي اوز سميت پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيب لاهور پڻ عدالت جي روبرو پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته اورنج لائن ٽرين، فاسٽ ٽريڪ ۽ ٻيا منصوبا هڪ ئي ٺيڪيدار کي ڏنا ويا، جيڪڏهن پيسا واپس نه ڪندو ته اسان ڪڍرائي وٺنداسين. جسٽس ثاقب نثار آءِ ڊيپ جي سي اي او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هن کان سوال ڪيو ته توهان 11 لک رپيا پگهار کڻي رهيا آهيو، توهان کي ڪيترو تجربو آهي؟  ڪنهن کي خيال ئي ناهي ته هي عوام جي ٽيڪس جو پيسو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان حڪم ڏنو ته 3 لکن کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ سمورا آفيسر نيب جي روبرو پيش ٿيندا، جيڪڏهن ڪو به پيسا واپس نه ڪندو ته اسان ڪڊرائي وٺنداسين. جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل تي ريفرنس ٺهي ٿو نيب ريفرنس به فائل ٿيندو، قومي احتساب بيورو 10 ۾ رپورٽ پيش ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ :گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس رپورٽ غيرتسلي بخش قرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جي رپورٽون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے