23 آچر , سيپٽمبر 2018

اين اي 131 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل مڪمل، عمران خان ڪامياب قرار

Total re-counting process on NA-131, Imran Khan succeeded لاهور(ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جي درخواست تي اين اي 131 لاهور تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وئي، جنهن ۾ پڻ عمران خان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.خواجا سعد رفيق اين اي 131 تي عمران خان جي ڪاميابي کي چئلينج ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست ڏني. عمران خان 84313 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته خواجا سعد رفيق 83633 ووٽ کنيا.عمران خان کي خواجا سعد رفيق تي 680 ووٽن جي برتري حاصل هئي پر رد ڪيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران اها برتري گهٽ ٿي 608 رهجي وئي. رٽرننگ آفيسر خواجا سعد رفيق جي درخواست رد ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد عمران خان جي ڪاميابي کي برقرار رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے