25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پنجاب ۾ حڪومت سازي، ن ليگ جو  پ پ بعد ق ليگ سان به رابطو

Contact the PML-N in the Punjab government, PML-Nلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي ۽ ٻنهي پارٽين ئي ڪامياب ٿيندڙ پارٽين جي اميدوارن سان رابطا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيا آهن. ووٽن جي حساب سان ن ليگ کي تحريڪ انصاف تي برتري حاصل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ صوبي ۾ حڪومت سازي جو اعلان ڪري چڪي آهي. مسلم ليگ ن هڪ دفعو ٻيهر صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي بعد مسلم ليگ ق سان به رابطو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ سردار اياز صادق ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي فون ڪيو ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ مدد گهري. ان موقعي تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کيس چيو ته هو هن وقت اسلام آباد ۾ آهي انڪري ايندڙ ٻن ڏينهن بعد رابطو ڪيو. ٻئي پاسي ن ليگ جي صدر شهباز شريف پيپلز پارٽي جي اڳواڻ احمد محمود سان ملاقات ڪري کائنس پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ  مدد گهري ورتي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پيپلز پارٽي جي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي ۽ کائنس پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي 6 ايم پي ايز جي حمايت گهري.شهباز شريف اڄ خورشيد شاهه سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي سميت وفاق ۾ ايندڙ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ياد رهي ته پنجاب ۾ مسلم ليگ ن وٽ 129. تحريڪ انصاف 123 ۽ صوبي مان ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوارن جو انگ 29 آهي جيڪي حڪومت سازي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے