25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس پاران پي ٽي آءِ جي نئين چونڊيل ايم پي اي نديم عباس بارا کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

The order of the arrest of the PTI's newly elected MPA Nadim Abbas Bara by the Chief Justiceلاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل صوبائي اسمبلي جي ميمبر نديم عباس بارا کي گرفتار ڪرڻ جو جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي نديم عباس بارا جي ڊيري تي فائرنگ ۽ پوليس تي تشدد جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب سيد ڪليم امام ۽ ٻيا آفيسر عدالت جي روبرو پيش ٿيا ۽ ٻڌايو ته اهلڪارن تي تشدد ڪندڙ 50 ڄڻن جي خلاف دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي پنجاب عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪارن جي تشدد جي الزام ۾ 21 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 28 جوابدار ڪيس ۾ نامزد آهن. چيف جسٽس پاڪستان معاملي تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي نديم عباس بارا کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اهلڪارن جي هڪ ٽيم پي ٽي آءِ جي صوبائي اسمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر نديم عباس بارا جي ڊيري تي پهتي جتي اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندن ورديو پڻ ڦاڙيون ويون هيون جنهن بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ نديم عباس بارا، منير بارا سميت 27 ڄڻن ۽ 20 اڻ ڄاتلن کي شامل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ قتل، ۽ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس جي متن موجب ملڪ نديم بارا جي آفيس تي فائرنگ ۽ آتش بازي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پارٽي اتي پهتي ته هٿياربند ڪارڪنن جي طرفان مزاحمت ڪئي وئي ۽ اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هوڏانهن چيف جسٽس سرگوڌا ۾ ريٽرننگ آفيسر سان بدتميزي جو پڻ نوٽيس وٺندي چيو ته بدتميزي ڪندڙ شخص کي نه ڇڏينداسين، اسان عدالت مان آفيسر انڪري ڏنا هئا ته جيئن صاف شفاف چونڊون ٿي سگهن. چيف جسٽس آف پاڪستان آءِ جي پنجاب کي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته معاملي جي تهه تائين وڃو، ذميدران جي خلاف ڪاروائي پڻ ڪنداسين ۽ ڪنهن به صورت ۾ بدتميزي ڪندڙ کي برداشت نه ڪنداسين..

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے