25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اين اي 129 سميت ڪيترن ئي تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ اڄ ٿيندي

In the number of votes including NA 129, the counting of votes will be done todayلاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 129 لاهور سميت ڪيترن ئي تڪن تي اميدوارن جي طرفان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارين درخواستن تي اڄ عملدرآمد ڪيو ويندو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 129 لاهور سميت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان جي درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ اڄ ٻئي ڏينهن به جاري رهندي. تڪ تان ن ليگ اڳواڻ سردار اياز صادق ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ  اميدوار عليم خان ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي. اهڙي طرح قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 108 فيصل آباد تي پڻ ڳڻپ ڪجهه دير ۾ شروع ٿيندي، هتي ن ليگ جي  اميدوار عابد شير علي جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي فرخ حبيب کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. گوجرانوالا تان صوبائي اسمبلي جي سيٽ پي پي 52 ۽ پي پي 54 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي، پي پي 52 تي ن ليگ جي عادل ڇٽا تحريڪ انصاف جي اميدوار احمد ڇٽا جي مقابلي ۾ هڪ هزار 113 ووٽرن جي برتري سان ڪامياب ٿيو هئو. پي پي 54 گوجرانوالا ۾ ن ليگ جي عمران خالد بٽ تحريڪ انصاف جي رضوان اسلم بٽ جي مقابلي ۾ هڪ هزار 457 ووٽن جي برتري سان ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته شڪست کائيندڙ اميدوار ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي. ملتان جي تڪ اين اي 154 ۽ 157 جهنگ ۾ اين اي 114 ۾ وڌيڪ پنجن پولنگ اسٽيشنن ۽ اين اي 22 مردان جي 131 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے