25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ ۾ زبردست ڌانڌلي ٿي آهي: مصطفيٰ ڪمال

Karachi has a great deal of anger: Mustafa Kamalڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال هڻندي چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ زبردست ڌانڌلي ٿي آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته رڳو عامر لياقت ۽ فيصل واوڊا جا تڪ کوليا وڃن پتو پيجي ويندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي ڪهڙيون چونڊون هيون جنهن ۾ ڊيرا اسماعيل بگٽي ۽ افغان بارڊر ويجهو کان ته رزلٽ اچي وئي پر ڪراچي جو نتيجو ٻن ڏينهن گذرڻ بعد به سامهون نه آيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان تنقيد ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته عمران خان حڪومت نٿو هلائي سگهي، هن سان زيادتي ڪئي وئي آهي. مصطفيٰ ڪمال هڪ لطيفي جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران خان ۾ اهڙو بارود ڀريو ويو آهي جو هو جنت کان به اڳتي نڪري ويو آهي . ياد رهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ پاڪ سرزمين پارٽي قومي يا صوبائي اسمبلي جي هڪ سيٽ به کٽڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے