23 آچر , سيپٽمبر 2018

پنجاب ۾ حڪومت سازي، ن ليگ پاران رابطا تيز

Shahbaz Sharif, PPP, took the help of the government to form government in Punjabلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ ن به رابطن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگ جي صدر شهباز شريف پيپلز پارٽي جي اڳواڻ احمد محمود سان ملاقات ڪري کائنس پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ  مدد گهري ورتي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پيپلز پارٽي جي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي ۽ کائنس پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي 6 ايم پي ايز جي حمايت گهري. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن  جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي  ۽ ن ليگ ان کان اڳ به ميثاق جمهوريت تي صيحيحيون ڪيون هيون ۽ اڳتي پڻ گڏ گڏ هلي سگهون ٿا. مخدوم احمد محمود شهباز شريف کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ قيادت سان سهڪار جو حمتي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.هوڏانهن اسمبلين ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ؟ مسلم ليگ ن واري فيصلي جو مخالف ڌر جي ٻين پارٽين کي انتظار آهي. ن ليگ جي صدر شهباز شريف فيصلي کان پهريان صلاح مشوري لاءِ پارٽي جي سڀني وڏن کي اڄ لاهور ۾ طلب ڪري ورتو. شهباز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب قومي اسمبلي ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ جي حوالي سان حتمي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ نواز شريف سان ڳالهين جي روشني ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستان جو ڀارت کي ڪاميابيءَ لاءِ 238 رنسن جو هدف

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي ڪاميابي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے