25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

جمهوريت هر حال ۾ گهرجي……

25– جولاءِ 2018ع تي پاڪستان ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف سڄي ملڪ مان وڏي اڪثريت ۾ کٽي سڄي ملڪ جي سياسي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چونڊن جي آيل نتيجن جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن لاءِ خوشين جا سوين در کولي ڇڏيا ته اُتي ئي ملڪ جي ڪيترين پارٽين خاص ڪري تحريڪ انصاف جي مخالف پارٽين لاءِ احتجاج جا در پڻ کولي ڇڏيا ملڪ جي اڪثر پارٽين چونڊن دوران ڌانڌلين جون ڪيئي شڪايتون ڪيون ايتري قدر جو مسلم ليگ ( ن ) اڳواڻن چونڊن جا نتيجا چوري ڪرڻ جا الزم هنيا، جمعيت علماءِ اسلام سميت، بي اين پي، عوامي نيشنل پارٽي، پي ايس پي ۽ ايتري قدر جو تحريڪ لبيڪ پاڪستان پڻ چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هنيا، ڌانڌالين جا الزام هڻندڙن هڪ اي پي سي پڻ ڪوٺائي ته جيئن چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين متعلق ڪو لائحه عمل قائم ڪري سگهجي.

ٻئي طرف چونڊن جي “ مانيٽرنگ“ لاءِ آيل يورپي يونين جي وفد پنهنجي آخري جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته، “ چونڊن ۾ غير جمهوري قوتن اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي پولنگ اسٽيشن اندر مقرر ڪرڻ برداشت جوڳو عمل ناهي، ڇو جو پاڪستان جي اليڪشن ايڪٽ ۾ اهڙي ڪابه شڪ نه آهي جنهن ۾ اهو چيل هُجي ته سيڪيورٽي اهلڪارن کي پولنگ اسٽيشن جي اندر بيهاري سگهجي ٿو، جڏهن ته 925- اهڙن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي جن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي.

چونڊ 2018ع ۾ جيڪي مبينا ڌانڌليون ٿيون آهن انهن متعلق پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجو پاليسي بيان جاري ڪندي چونڊ نتيجن نتيجن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي تنهنڪري چيف اليڪشن ڪميشنر استعفى ڏئي. هُن اهو به چيو ته چونڊن ۾ ڪراچيءَ ۾ به ڌانڌليون ٿيون آهن، هُن چيو هو ته اي پي سي ڪندڙ سياسي پارٽين کي صلاح آهي ته اهي پارلياماني فورم نه ڇڏين ۽ ڄمي مخالف ڌر جو ڪرادر ادا ڪن ۽ مان به پارليامينٽ جي فورم تي پنهنجو ڪرادار ادا ڪندس، هُن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي فيڪٽ فائينڊگ ڪمٽيءَ جي نتيجن بعد پيپلزپارٽي ان ڏس ۾ ڪو قدم کڻندي.

25- جولاءِ 2018ع  جي چونڊن ٿيڻ بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي اها صورتحال اهڙو ڪو منظر نامو پيش ڪري نه سگهي آهي جيڪا اطمينان بخش هُجي ۽ ائين چئي سگهجي ته ملڪ جي تاريخ ۾ چونڊن متعلق جيڪو بدترين تاثر قائم آهي اهو ختم ٿيو هُجي، پر ائين نه ٿيو ۽ ان جي ابتڙ اهو تاثر بقول يورپي يونين جي مبصر جي ته پاڪستان ۾ 25- جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ غير جمهوري قوتن اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان ۾ چونڊن دوران“ غير جمهوري” قوتن جو اهڙي انداز ۾ هڪ دفعو وري ذڪر ٿيڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي.

اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا اها ايڪويهين صديءَ جي دنيا آهي، جيڪا دنيا سوڙهي ٿي هڪ ڳوٺ جي حيثيت ۾ اچي وئي آهي ۽ ملڪ جهڙوڪر ان ڳوٺ جي پاڙن جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن، جتي هڪ ملڪ جي ٻئي ملڪ وٽ معلومات ۽ خبر ايترو ئي جلديءَ ۾ پهچي وڃي ٿي جيئن پاڙن ۾ خبرون هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين پهچنديون آهن، پاڪستان ۾ جمهوريت هميشه هڪ نازڪ حيثيت ۾ رهي آهي، جڏهن ته ان جي بحاليءَ لاءِ 83ع ۾ “ تحريڪ بحاليِ جمهوريت” پڻ هلي چڪي آهي، ۽ اڄ 2018ع آهي پر اسين جمهوريت جي حوالي سان اڄ به اتي ئي بيٺا آهيون جتي 83ع ۾ بيٺا هياسين، جڏهن ته دنيا ڪيئي ترقيون ڪري چڪي آهي، اسان جي سڄي صورتحال دنيا جي آڏو آهي، ان متعلق تبصري ڪرڻ جي ڪا گهڻي ضرورت ناهي.

اسين اهو سمجهو ٿا ته بدترين جمهوريت به بهترين آمريت کان بهتر هوندي آهي، ڇو جو جمهوريت ئي سياسي طور تي اهڙو واحد رستو آهي جيڪو سماج کي ترقي ڏياري ٿو، سماج جي واڌ ويجهه لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، سماجي ڍانچي کي بهتر ٿيڻ ۽ سماجي قدرن کي ترقي ڏيڻ سميت مجموعي انساني ترقيءَ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سماجن کي سياسي طور تي هلائڻ لاءِ جمهوري قدرن جو قيام عمل ۾ آيو ۽ اڄ به دنيا ۾ اهي ئي ملڪ ترقي يافته آهن جتي جمهوريت مضبوط آهي ۽ ترقي ڪري رهي آهي، ڇو جو جمهوريت ئي سماج جي هر سرشتي کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.

اسان “ جمهوريت جي بقا ۽ ترقيءَ“ واسطي هن ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين، جمهوريت دوست ڌرين، سول سوسائٽيءَ سميت ملڪ جي اعلى ادارن جيڪي ملڪ هلائڻ لاءِ پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏين ٿا انهن کي پڻ گذارش ڪنداسين ته هو جمهوريت کي ان جي قيام ۽ ان جي بقا کي هر صورت ۾ مقدم بڻائين،

25- جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ اها اميد پيدا ٿي پئي آهي ته هاڻي ملڪ ۾ جمهوريت جو سلسلو هلي پوندو ۽ اڳ کان وڌيڪ مظبوط ۽ مستحڪم ٿي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اها اميد رکي سگهجي ٿي ته هاڻي هي ملڪ دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي صف ۾ اچي بيهندو ۽ جمهريت کي ناڪام بڻائڻ، جمهوريت جي رستي ۾ رنڊڪون پيدا ڪرڻ ۽ جمهوري حڪومتن خلاف غير جمهوري قوتن جو ڪردار ادا ڪرڻ وارو تاثر هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.

آچر 29 جولاءِ 2018ع، 15 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے