21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪراچي: بدترين ڌانڌليو ٿيون ۽ قومپرستن کي ڄاڻي واڻي هارايو ويو: اعجاز سامٽيو

Karachi: worst killed and tribal leaders were killed. Ejaz Sameeto*اعجاز سامٽيي چيو آهي ته چونڊن جا نتيجا انتهائي حيران ڪندڙ آهن، بدترين ڌانڌليو ٿيون ۽ قومپرستن کي ڄاڻي واڻي هارايو ويو آهي.

اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ٽيون رخ ۾ ميزبان زاهد ميراڻيءَ سان ڳالهائيندو ڪيو، هن چيو ته اهو تاثر مضموط ٿيو آهي ته چونڊن ۾ڌانڌليون ٿين ٿيون.

هُن وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌليون پنهنجي جاءِ تي پر قومپرستن کي پارليامينٽ وارو فورم ڪنهن به طور تي ڇڏڻ نه گهرجي.

پروگرام ۾ڳالهائيندي چيو ته عوامي جمهوري پارٽيءَ جي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو ڳالهائيندي چيو ته 1970 کان پوءِ ٿيندڙ هر هڪ چونڊ انجنيئرڊ ٿي آهي ۽ هن ڀيري به ائين ئي ٿيو آهي.

هُن چيو ته سنڌ پراڻي پيڙهيءَ جي ماڻهن ۾ اڃان تائين پيپلز پارٽيءَ لاءِ هميت موجود آهي، جڏهن ته نئون نسل پ پ  کان بدظن آهي.

نامياري صحافي ۽ تجزيا ڪار محمد علي نقرچ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قومپرستن کي پنهنجي سياسي پاليسين ۽ سياسي ڪم جي طريقي ڪار ۾ تبديلي آڻني پوندي ۽ عوام تائين وڃڻو پوندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے