22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو: مخدوم جميل الزمان جي 57هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

Makhdoom Jamil Zaman made the 57-day birth was celebrated*کپري ۾ پروگرام ڪوٺائي سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي 57هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو.

درگاهه حضرت منٺار فقير راڄڙ تي بزم طالب المولا شاخ پاران ڪوٺايل سالگرهه تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽي جنم ڏينهن ملهائڻ بعد مشاعرو به ڪرايو ويو.

مشاعري ۾ سنڌ جي نامور شاعرن منصور مري ،ولي هنگورو ۽ حاجي خان بوزدار سميت ٻين شرڪت ڪري نڪور تخليقون پيش ڪيون.

تقريب کي خطاب ڪندي محمد بخش ضامن چيو تـ مخدوم جميل الزمان سياستدان سان گڏ هڪ سٺو شاعر بـ آهي جن جي ڪوششن سان بزم طالب المولا کي پوري سنڌ ۾ وري سرگرم ڪيو ويو آهي.

خطاب ڪندي محمد يوسف هڱورجو چيو تـ مخدوم جميل الزمان هڪ روحاني رهبر آهي مخدوم خاندان سدائين غريب عوام جو ڀرجھلو رهيو آهي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے