20 خميس , سيپٽمبر 2018

بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ اسان جو حق آهي، وفاق ساٿ ڏئي: بي اي پي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ڄام ڪمال چيو آهي ته اسان جي پارٽي وڏي آهي، بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ اسان جو حق آهي، وفاق اسان جو ساٿ ڏئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي مسئلن لاءِ وفاق سان گڏ هجڻ ضروري آهي. جام ڪمال چيو ته اسان ڪوئيٽا ۾ وڏين پارٽين جو مقابلو ڪيو، هر هنڌ اميد موجب نتيجا نه آيا، عمران خان سان گڏ سٺي طريقي سان هلنداسين. هن چيو ته 3 آزاد اميدوارن بي اي پي کي جوائن ڪري ورتو آهي، بلوچستان ۾ اسان جي اميدوارن جو انگ 18 ٿي ويندو. ان موقعي تي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي چيو ته يورپي يونين مبصرن چونڊن کي شفاف قرار ڏنو آهي، چونڊن ۾ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندڙ پارٽيون ڌانڌلي جو الزام هڻنديون آهن پر اسان اهي سيٽون هارايون آهن، جيڪي اڳ ڪڏهن به ناهن هارايون. سندس چوڻ هو ته ايم ايم اي 8 سيٽون کڻي چڪي آهي پر پوءِ به اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهي آهي، سردار مسعود لوڌي به اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي چڪو آهي، هاڻ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے