25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فضل الرحمان جي سياست دفن ڪرڻ جو پختو عزم ڪيو آهي: امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان فضل الرحمان جي سياست دفن ڪرڻ جو پختو عزم ڪيو آهي. ڊيري اسماعيل خان ۾ فضل الرحمان کي شڪست ڏيندڙ علي امين گنڊاپور چيو ته فضل الرحمان کي جيئن وڻي نتيجن جي جاچ لاءِ تيار آهيون، هو ووٽن جي ڳڻپ ڪرائڻ چاهي پوءِ به تيار آهيون، فضل الرحمان جي مرضي موجب انتظام ڪيا وڃن ته پوءِ به مقابلي لاءِ تيار آهيان، اسان فضل الرحمان جي سياست دفن ڪرڻ جو پختو عزم ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته فضل الرحمان ڪڏهن به ٻيهر چونڊ ميدان ۾ لهڻ جي جرئت نه ڪندو، ڇو ته کيس خبر آهي هاڻ شڪست جو مارجن ٻيڻو هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے