24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳڙهي خيرو: پي ٽي آءِ اميدوار عبدالرزاق کوسي  پاران اعتراض داخل ڪرڻ واري درخواست رد

Garhi Khairo: Abdul Razzaq Khoso application for again voting has been rejected*ڳڙهي خيرو ۾ پي ايس 3  جي پي ٽي آءِ اميدوار عبدالرزاق کوسي پاران اعتراض داخل ڪرڻ واري درخواست داخل ڪئي وئي جيڪا آر او  رد ڪري ڇڏي.

آر او عبدالرزاق  کوسي جي درخواست رد ڪري پ پ اميدوار ممتاز جکراڻي کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اميدوار سردار عبدالرزاق کوسي چيو آهي تھ ڇهن پولنگن تي ڌانڌلي ٿي آهي.

 هن چيو تھ هو خاموش ٿي نھ ويهندو پنهنجي حق لاءِ  هو هاءِ ڪورٽ ۾ ويندو، حق حاصل ڪري وٺندو.

 ٻئي پاسي پ پ جي اميدوار ممتاز جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ مخالف ڪاميابي ڏسي بوکلاهٽ جوشڪار ٿي ويا آهن.

هن چيو تھ مخالف بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن، اليڪشن فوج جي نگراني ۾ ٿي آهي .

ممتاز جکراڻي چيو تھ مخالف هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ چاهي ٿو تھ ڀلي شوق پورو ڪري هن کي عوام جي حمايت حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے