24 سومر , سيپٽمبر 2018

چونڊن کان پوءِ حڪومت ٺهڻ جو مرحلو

ملڪ هينئر عام چونڊن ۽ انهن جي نتيجن کان پوءِ حڪومت ٺاهڻ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي، وفاقي سطح تي پاڪستان تحريڪ انصاف اڪثريت ۾ هئڻ ڪري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، ان ڏس ۾ ان کي عددي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هم خيال جماعتن ۽ ميمبرن جي ضرورت پوندي. خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڪيلي سر صوبائي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. پنجاب ۾ جيتوڻيڪ مسلم ليگ نواز صوبائي اسيمبليءَ ۾ عددي لحاظ کان مٿي آهي پر اتي به پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد اميدوارن ۽ باقي جماعتن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت وجود ۾ اچڻ جو امڪان آهي.

چونڊن تي خدشن، اعتراضن ۽ انهن جي شفافيت تي سنگين قسم جا سوال اٿڻ باوجود عام چونڊن جو وقت سر ٿي وڃڻ عوام جي نمائندن جو وڏي تعداد ۾ چونڊجي اچڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو گهران نڪري ووٽ وجهڻ لاءِ پولنگ تي اچڻ پاڪستان اندر جمهوري سرشتي تي عوام جو پختو يقين هجڻ ظاهر ڪري ٿو.

پاڪستان ۾ چون ٿا ته 1970ع کان پوءِ ڪا به اهڙي چونڊ نه ٿي آهي جنهن جي شفافيت تي سوال نه اٿيا هجن ۽ آڱريون نه کڄيون هجن، هيءُ ملڪ هڪ ته ڊگهو عرصو آمريتن جي ڪاري رات ڀوڳيندو رهيو آهي، ٻيو وري جيڪي چونڊيل سيٽ اپ آيا به آهن سي به ڪنٽرولڊ رهيا آهن، يعني هتي محدود ۽ ڪنٽرولڊ جمهوريت ئي رهي آهي. ڪڏهن به بااختيار جمهوريت ناهي رهي ۽ ان بااختيار جمهوريت جي ويڙهه ۾ سياسي اڳواڻ ۽ سياسي جماعتن جا سر ئي ويندا رهيا آهن ته رات وچ ۾ اوچتو ئي اوچتو نين جماعتن جو اسري اچڻ، چونڊن جو ميدان ماري وڃڻ ۽ اقتدار تائين رسڻ به هن ملڪ ۾ روايت رهي آهي. بهرحال پاڪستان ۾ 2008ع کان 2018ع تائين چونڊيل سرشتو ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي هنن چونڊن جي نتيجي ۾ به چونڊيل حڪومت جي قائم ٿيڻ سان پاڪستان اندر جمهوري نظام اڳ جي ڀيٽ ۾ ويتر مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي.

2018ع جي عام چونڊن جي خاص ڳالهه هي آهي ته سواءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي، جنهن وڌ ۾ وڌ سيٽون کٽيون آهن باقي سڀني سياسي جماعتن پاڪستان مسلم ليگ نواز، پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، متحده مجلس عمل، پاڪ سرزمين پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي مطلب ته سمورين جماعتن چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اڪثر سياسي جماعتون هڪ پليٽ  فارم تي گڏ هجن ۽ چونڊ نتيجا رد ڪندي احتجاج جي حڪمت عملي جوڙي رهيون هجن، تڏهن ملڪ سياسي استحڪام بدران سياسي عدم استحڪام ڏانهن ويندي نظر اچي رهيو آهي.

چونڊن تي اعتراض وارڻ ۽ آئيني دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق استعمال ڪندڙ سياسي جماعتن جو جمهوري حق آهي پر پاڪستان ۾ جنهن قسم جي صورتحال ڳچ عرصو رهندي پئي آئي آهي، اهڙي صورتحال يعني سياسي ڇڪتاڻ ۽ رساڪشي واري صورتحال هيءُ ملڪ برداشت ڪري نه سگهندو. اهڙو ڪو به عمل سياسي ڌرين جي سطح تي ڪرڻ کان هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سياسي ۽ جمهوري سرشتي لاءِ خطرو پيدا ٿئي.

پاڪستان گذريل ستر سالن کان جنهن بحران مان گذرندو رهيو آهي، جهڙي قسم جي بي چيني ۽ غيريقينيءَ کي ڀوڳيندو رهيو آهي، تنهن جو بنيادي سبب ئي سياسي جمهوري قوتن جي رستا روڪ ۽ اقتدار ۽ اختيار تي غيرجمهوري قوتن جي تسلط جو قائم رهڻ آهي، سوپاڪستان جي دردن جو درمان ۽ بحرانن جو حل صرف ۽ صرف جمهوري نظام ۾ ئي سمايل آهي، سياسي استحڪام ۾ ئي سمايل آهي، اهڙو جمهوري نظام جيڪو ڪنٽرولڊ نه پر بااختيار هجي. ڪنٽرولڊ جمهوريت ۽ هٿ ٺوڪئي سيٽ اپ سان ملڪ جا مئسلا حل ٿيڻ، ملڪ مان بحران ختم ٿيڻ بدران ويتر سنگين ٿيندا.

پاڪستان کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ حقيقي جمهوريت جو هئڻ لازمي آهي، حقيقي جمهوريت ان صورت ۾ قائم ٿي سگهندي، جڏهن چونڊن وارو عمل مڪمل صاف ۽ شفاف هجي، اهڙو صاف ۽ شفاف جو ان تي ڪي به آڱريون نه کڄن. بغير ڪنهن مداخلت جي چونڊن سان هڪ ته چونڊن جي ساک برقرار رهندي ٻيو ته انهن چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪو نظام قائم ٿيندو، سو به سڀني ڌرين خاص ڪري عوام لاءِ قابل قبول هوندو.

پاڪستان لاءِ بهتر ڳالهه چونڊن جو آئيني طرح وقت تي ٿيڻ ۽ انهن چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊيل حڪومت جو قائم هئڻ آهي. حالتون گهرجائو آهن ته سياسي ڌريون سياسي رساڪشي ۽ ڇڪتاڻ جي واٽ وٺڻ بدران ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي حڪمت عملي ٺاهن، هڪ ٻئي جون ٻانهن ٻيلي بڻجن، پاڪستان تحريڪ انصاف جيئن ته حڪومت ٺاهڻ طرف وڃي رهي آهي، تنهن ڪري ان کي ان ڏس ۾ پنهنجو روايتي موقف ڇڏي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ مفاهمت جي ڪلچر کي هٿي وٺرائي اڳتي وڌڻ جي واٽ اختيار ڪرڻي پوندي.

ڇنڇر 28 جولاءِ 2018ع، 14 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے