19 اربع , سيپٽمبر 2018

دماغ سان ڪنٽرول ٿيندڙ ٽئين ٻانهن جو ڪامياب تجربو

Successful experiences of third-step slave controllersٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) شروعاتي تجربي ۾ اٺ رضاڪارن پنهنجي دماغ سان مشيني ٻانهن ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪندي  هڪ ئي وقت ۾ ٻه مختلف ڪم سرانجام ڏنا. ان ٽيڪنالاجي کي مصروف انسانن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪي هڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي ڪم ڪرڻ چاهن ٿا، يا وري کين وزن کڻڻ لاءِ هڪ ڪنهن ٻئي جي مدد وٺڻي پوندي آهي پر هاڻ اها ٻانهن مشيني هوندي جيڪا دماغي اشارن تي ڪم ڪندي. تجربي ۾ رضاڪارن جي دماغ تي سوچ پڙهڻ واري اليڪٽروڊز لڳايا ويا ۽ انهن جي ويجهو ئي ٽيون مشيني هٿ رکي ان کان مختلف ڪم ورتا ويا. رضاڪارن جي مٿي ٻه اليڪٽروڊز  لڳايا ويا هئام جيڪي دماغي حڪمن ۽ سرگرمين جا روبوٽ ڏانهن سگنل موڪلي رهيا هئا. پهرين مرحلي ۾ هڪ بوتل کڻڻ، موڪلڻ ۽ ان کي ڇڏڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا ويا. جڏهن ماهرن روبوٽ ٻانهن 15 رضاڪارن  جي دماغ سان ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن مان رڳو اٺ ڄڻا ڪاميابي ماڻي سگهيا. هر ڪارڪن جو چوڻ آهي ته هو هڪ پاسي ته پنهنجن اصلي ٻانهن کان ٽري ۾ بال کي حرڪت ڏين ۽ ان دوران ئي دماغ سان مشيني ٻانهن ڪنٽرول ڪندي هڪ بوتل کي پڪڙين ۽ پوءِ ان کي ڇڏي ڏين. انهن مان اٺ ڄڻا هڪ ئي وقت ۾ بال کي گهمائڻ ۽ دماغي اشارن سان بوتل پڪڙڻ ۽ ڇڏڻ جو ڪم ڪندا رهيا پر باقي ست ڄڻا ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ ٿوڙي وقفي لاءِ ئي هڪ وقت ۾ ٻه ڪم ڪري سگهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے