24 سومر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: اليڪشن ڪميشن پاران 261 تڪن جا نتيجا جاري، پي ٽي آءِ کي سرسي

Running results of 261 tonnes by the ECP, headed by the PTI*اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي 261 تڪن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 9 تڪن جا نتيجا سامهون نه  اچي سگهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو ٽرن آئوٽ 51 ڏهائي 85 سيڪڙو رهيو، قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف جون 115 سيٽون آهن.

سنڌ جي 129 ، پنجاب جي 294 ، بلوچستان جي 45 ۽ خيبرپختونخواهه جي 96 تڪن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن.

قو

قومي ۽ ڪي پي اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ ، سنڌ ۾پ پ ۽ بلوچستان ۾بلوچستان عوامي پارٽي  کي اڪثريت حاصل آهي.

قومي اسيمبلي ۾115 سيٽن تي پي ٽي آءِ کي اڪثريت حاصل آهي، ن ليگ 63 سيٽن سان ٻئي ۽ پ پ 43 سيٽن سان ٽين نمبر تي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ايم ايم اي جون 12 ، آزاد اميدوار 12 ، ايم ڪيو ايم 6 ، ق ليگ 4 ، جي ڊي اي 2 جڏهن ته بلوچستان نيشنل پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، عوامي مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انسانيت جي هڪ هڪ سيٽ آهي.

پنجاب اسيمبلي ۾ن ليگ جون 127 ، پي ٽي آءِ جون 122 ۽ آزاد اميدوارن جون 29 سيٽون شامل آهن. اسيمبلي ۾ ق ليگ 9 جون 7، پ پ 6، بلوچستان عوامي پارٽي، ف ليگ، پاڪستان عوامي راج پارٽي کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾پ پ جون 74 ، پي ٽي آءِ 23، ايم ڪيو ايم 16۽ جي ڊي اي جون 11 سيٽون آهن. تحريڪ لبيڪ پاڪستان 2 ، متحد مجلس عمل هڪ جڏهن ته ٻن سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.

سنڌ اسميبلي جي 130 مان 129 تڪن تي چونڊ ٿي آهي جڏهن ته هڪ تڪ تي اليڪشن بعد ۾چونڊ ٿيندي.

خيبرمختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جون 65 ، ايم ايم اي 10 ، عوامي نيشنل پارٽي 6، ن ليگ 5 ، پ پ 4 ۽ 5 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.

بلوچستان اسيمبلي ۾بلوچستان عوامي پارٽي 14 ، متحده مجلس عمل جون 8 ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي 6 سيٽن تي ڪامياب ٿي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جون 4 ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي عوامي جون 3 – 3 ، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي 2، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي 2 ۽ ن ليگ هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نديم قاسم ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 48 ڏهائي 11، بلوچستان ۾ 45 ڏهائي 87، پنجاب ۾ 55 ڏهائي 5 ۽ ڪي پي ۾ 45 ڏهائي 12سيڪڙو ٽرن آئوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deplo: Wheat distribution among needy

نيوز: ڏيپلو: ڪڻڪ ورھائڻ جو عمل شروع،40 سيڪڙو خاندان امداد کان محروم

*ڏيپلي ۾ڪڻڪ ورھائڻ جو عمل شروع  ٿي ويو آهي،  نادرا کان ورتل لسٽ ۾ 40 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے