25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان: پ پ جا هارايل اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، جاچ ڪرائي وڃي: جي ڊي اي

Tando Mohammad Khan: Poverty harvested candidates have been successful, investigated: GDA*جي ڊي اي اميدوارن ٽنڊي محمد خان ضلعي جي هڪ قومي ٻن صوبائي تڪن تي ڌانڌلي جو الزام هڻندي چيو آهي ته نتيجا تبديل ڪري پ پ جي هارايل اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

جي ڊي اي، جي مرڪزي اڳواڻ مير سجاد ٽالپر، ٽالپر هائوس ٽنڊو محمد خان ۾ قومي تڪ اين اي 228 لاءِ جي ڊي اي اميدوار مير علي نواز ٽالپر،  پي ايس 68 جي اميدوار مير علي حيدر ٽالپر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چونڊن ۾ڌانڌلي ڪئي وئي آهي.

هنن واضع ڪيو ته ٽنڊي محمد خان ۾ پ پ جي گذريل 10 سالن جي خراب ڪارڪردگي جي ڪري ضلعي جي هر علائقي ۾ چونڊ مهم دوران عوام اميدوارن کي رد ڪيو هو ۽ کين ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري سخت پڇاڻو ڪيو هو.

سندن چوڻ هو ته اهڙي صورتحال باوجود چونڊ نتيجن کي پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ پرزائيدنگ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان تبديل ڪري عوام جي ووٽن جي توهين ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته پولنگ اسٽيشنن مان مليل انگ اکرن تحت هو واضع طور ڌانڌلين جا ثبوت ميڊيا آڏو مڪمل دستاويزن سان ثبوت پيش ڪن ٿا.

جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته اليڪشن جي آخري مرحلي کان پوءِ رات دير سان پرزائيڊنگ آفيسرن جي ڊي اي پولنگ ايجنٽ عورتن ۽ مردن کي پولنگ اسٽيشنن ۾نتيجا ڏيڻ ۾سازش تحت دير ڪئي ته جيئن نتيجا تبديل ڪري سگهجن.

هنن چيو ته پولنگ اسٽيشن ۾موبائيل فون ۽ ڪيمرا اندر کڻي وڃڻ تي پابندي هجڻ باوجود نويد قمر جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکي وئي، قانون جي ڀڃڪڙي جو به اليڪشن ڪميشن نوٽيس نه ورتو آهي.

هنن چيو ته هو اعلى اختيارين ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪن ٿا ته فوري طور ٽنڊو محمد خان جي ظاهر ڪيل نتيجن کي رد ڪري ووٽن جي ڳڻپ پاڪ فوج جي نگراني ۾ ٻيهر ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾هو عدالت ويندا…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے