24 سومر , سيپٽمبر 2018

دنيا جي پنجين وڏي اليڪشن جا نتيجا 24 ڪلاڪن ۾ ڏناسين: اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون پرامن ۽ شفاف ٿيون، سڄو ڏينهن ڌانڌلي جي ڪا دانهن نه ملي، هڪ عورت طرفان ٺپا هڻڻ جي جيڪا ويڊيو هلي رهي آهي، اها گذريل چونڊن جي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بابر يعقوب چيو ته سڄي دنيا ۾ نتيجن جي اعلان ۾ وقت لڳندو آهي، اسان دنيا جي پنجين وڏي اليڪشن جا نتيجا 24 ڪلاڪن ۾ ڏنا، نتيجن جي اعلان کان اڳ سٺي طريقي سان چيڪ ڪرڻو پوندو آهي، ٽرانسميشن سسٽم بهتر طريقي سان ڪم نه ڪيو، اسان ان جو تدارڪ ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، جتي فارم 45 گم ٿيو آهي اهو فراهم ڪنداسين، جڏهن ته ووٽنگ ٽرن آئوٽ به سٺو رهيو ۽ منهنجي ذاتي تجزئي موجب ٽرن آئوٽ 55 سيڪڙو رهيو. هن چيو ته چونڊن جا 82 سيڪڙو نتيجا اچي چڪا آهن ۽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آر آوز اعلان ڪري ڇڏيا آهن، قومي اسيمبلي جي 120 سيٽن جا نتيجا ملي چڪا آهن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 265 سيٽن جا نتيجا وصول ٿيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪيس: جهانگير ترين ۽ حنيف عباسي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے