26 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ کي 74 سيٽن تي سرسي حاصل آهي، جنهن کانپوءِ اها صوبي جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي ۽ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ مجموعي طور سيٽن جو انگ 168 آهي، جنهن ۾ 29 سيٽون عورتن، جڏهن ته 9 سيٽون اقليتن لاءِ مخصوص آهن. ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 68 سيٽون گهربل آهن ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ 74 سيٽن سان مضبوط پوزيشن ۾ آهي ۽ لاڳيتو ٽيون ڀيرو ايندڙ 5 سالن لاءِ صوبي ۾ حڪومت ٺاهيندي. ٻين پارٽين ۾ تحريڪ انصاف 18، ايم ڪيو ايم پاڪستان 12، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 11، ن ليگ ۽ متحدا مجلس عمل هڪ – هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے