23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران خان سڀ کان وڌيڪ جمهوريت پسند قائد آهي: نعيم الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته عمران خان سڀ کان وڌيڪ جمهوريت پسند قائد آهي، کيس عوام چونڊيو آهي، نتيجا نه مڃڻ تي قانون رستا کليل آهن. بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته چونڊ مهم ۾ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي مقبوليت ثابت ٿي، 68 جلسن ۾ عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪئي، پاڪستاني عوام ٻن پارٽين هٿان يرغمال ٿي چڪو هو، ٻنهي پارٽين قوم جي ناڻو ڦريو، آڊٽ رپورٽ ڏسو ته خبر پئجي ويندي قوم کي ڪيترو ڦريو ويو، پي ٽي آءِ پاڪستاني عوام کي آزاد ڪرايو. سندس چوڻ هو يقين آهي ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهينداسين، ڳالهيون جاري آهن، وفاق ۾ ته اسان جي ئي حڪومت هوندي، ڪي پي ۾ به ٻيهر حڪومت ٺاهينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے