24 سومر , سيپٽمبر 2018

منهنجي  ڪاميابي مسڪين ماڻهن جي فتح آهي: شيخ رشيد

My Successful Maskin is the victory of the people: Sheikh Rashidلاهور(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان کٽي ويو آهي، سندس ڪاميابي مسڪين ماڻهن جي فتح آهي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان کٽي ويو آهي، هن چيو ته سندس ڪاميابي مسڪين ماڻهن جي فتح آهي .شيخ رشيد چيو ته هو سرمائيدارن جو نه پر غريب عوام جو ترجمان آهي ۽ توهان سان گڏجي قبضي مافيا ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو انت آڻيندس.راولپنڊيءَ ۾ پنهنجي خطاب دوران هن چيو ته منهنجي ڪاميابي ڊرائيورن ۽ مزدورن جي ڪاميابي آهي ۽ مان قومي اسيمبليءَ ۾ اقتدار جو بُکيو ناهيان پر منهنجي زندگيءَ جو هڪ ئي مقصد هو ته ڪرپشن ڪندڙن کي ٻاهر ڪڍان ته جيئن انهن جو چهرو وائکو ٿئي. هن چيو ته مان پنهنجي باقي زندگي غريب ماڻهن سان گذاريندس، اڄ پاڪستان ۾ هڪ نئون سِج اُڀرندو، مضبوط پاڪستان محفوظ پاڪستان ۽ غريب جو پاڪستان اهو ئي منهنجو نعرو آهي.هن چيو ته اسان جي قسمت نه بدلي ته ان نظام جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اسان ووٽ نه ڏيندڙن جي به خدمت ڪنداسين، آزاد پرڏيهي پاليسي ٺاهينداسين، سڀني پارٽين کي گڏ کڻي هلنداسين ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي به بهتر بڻائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے