21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارت به پاڪستان وانگر بيلٽ پيپر استعمال ڪري:راهول گانڌي

India also uses a ballot paper like Pakistan: Rahul gandhiنئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي لوڪ سڀا جي چونڊن لاءِ الڪيٽرونڪ ووٽنگ مشين(اي وي ايم) جي جاءِ تي پاڪستان وانگر بيلٽ پيپر استعمال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب راهول گانڌي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرن جو استعمال ڪيو ويو  اهڙي طرح ئي ڀارتي چونڊن لاءِ به استعمال ڪيا وڃن. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينن کي ڪلاڪن تائين آپريشنل رکڻ لاءِ  وڏي مقدار ۾ بجلي ضائع ٿيندي آهي، جيڪڏهن پاڪستان چونڊن لاءِ بيلٽ پيپر استعمال ڪري سگهي ٿو ته ڀارت کي به ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هوڏانهن لوڪ سڀا چونڊن ۾ بيلٽ پيپر استعمال ڪرڻ وارو مطالبو ٻين ڀارتي سياسي جماعتن جي طرفان پڻ ڪيو ويو آهي جن ۾ سي پي آئي(ايم) اي اي پي، ايس پي ۽ بي ايس پي سميت ٻيون شامل آهن عام آدمي پارٽي(اي اي پي) موجب اي وي ايم سسٽم سان ڌانڌلي ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن جنهن مان ڀارتي جنتا پارٽي(بي جي پي) فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے