24 سومر , سيپٽمبر 2018

جمائما طرفان عمران خان کي وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪ

Congratulations on making Imran Khan the Prime Minister by Jimma لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ اسمٿ پنهنجي اڳوڻي مڙس عمران خان کي پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي.سياسي اڳواڻن ۽ پاڪستاني عوام سان گڏ گڏ برطانيا ۾ موجود عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ اسمٿ به پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن تي نظر رکي هئي ۽ وزارت اعظميٰ لاءِ عمران خان جي ڪاميابي تي پراميد آهي.جمائما ٽوئيٽر تي عمران خان کي پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو ته 22 سال بي قدري، مشڪلاتن ۽ قربانين کانپوءِ منهنجي پٽن جو پيءُ پاڪستان جو نئين وزيراعظم  ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهو استقامت، يقين ۽ هار نه مڃڻ وارو هڪ غير معمولي سبق آهي، پر هاڻي عمران خان لاءِ هي چئلينج آهي، ان کي ياد رکڻو پوندو ته هو سياست ۾ ڇو آيو هو؟ تمام گهڻي مبارڪ عمران خان.جمائما هڪ ٻيو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته مون کي ياد آهي عمران خان جو پهريون اليڪشن جيڪو 1997ع ۾ ٿيو، مان لاهور مان پنهنجي ٽن مهينن جي پٽ سليمان سان گڏ عمران خان جي فون جو انتظار ڪري رهي هيس، آخرڪار عمران خان مون کي ڪال ڪئي ۽ چيو ته ڪلين سوئيپ ٿي ويو ۽ پوءِ زوردار ٽهڪ ڏيندي چيائين مخالفن جي طرف کان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

2014ع ڌرڻو: لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري جي خلاف فل بينچ قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 2014 جي ڌرڻي تي وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے