24 سومر , سيپٽمبر 2018

افغان طالبان پڪتيڪا صوبي جي ٻن ضلعن تي قبضو ڪري ورتو

The Afghan Taliban captured the two provinces of the provinceڪابل/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سرحد سان لاڳاپيل صوبي پڪتيڪا تي افغان طالبان قبضو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان اختيارين موجب پاڪستاني سرحڊي سان لاڳاپيل افغان صوبي پڪيتڪا جي ٻن ضلعن تي طالبان عسڪريت پسندن ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. عسڪريت پسندن اومنا ۽ گايان ضلعن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل آچر کان انهن شهرن ۾ چيڪ پوسٽن تي لاڳيتو حملا شروع ڪيا هئا،  انهن چيڪ پوسٽن تان افغان سيڪيورٽي اهلڪارن کي موٽ اختيارن ڪرڻي پيجي وئي، طالبان ويڙهاڪن خالي ڪيل چيڪ پوسٽن تان هٿيارن جي وڏي انگ تي قبضو  ڪري ورتو.  صوبائي ڪونسل جي ميمبر فضل رحمن ڪاتاوازي موجب انهن ضلعن تي طالبان کي ڪنٽرول 2 ڏينهن تائين لاڳيتو ويڙهه بعد حاصل ٿيو. افغانستان جي چيف ايگزيڪٽو ڊاڪٽر عبدالله عبدالله آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته 4 ملڪي آمريڪا، افعانستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي ڳالهين جو مقصد افعان امن اعمل ۾ مدد ڏيڻ آهي. اسان کي اميد آهي ته وچ  اوڀر ڪشيدگي ۽ ٻيا نوعيتن جو عالمي تڪرار افغان صورتحال تي ڪنهن طور منفي اثر نه وجهندو  افغانستان ۾ پنهنجن سمورين اتحادين مان اها اميد رکان ٿو ته هو پاڙيسڙي ملڪ تي زور ڏيندا  جيڪو طالبان جو حامي آهي جڏهن ته هن چيو ته هن وقت تائين امن حاصل ڪرڻ واري معاملي تي ڪا به اڳڀرائي سامهون ناهي آئي. ان سان گڏ ئي هن چيو ته امن جون ڪوششون جاري رکڻ چاهيون ٿا، طالبان سان سمجهوتو  ڪرڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي ۾ طالبان ۽ دهشتگرد گروپن  کي هڪ پاڙيسڙي ملڪ ۾ موجود محفوظ ٺڪاڻن کي هدف بڻائڻ شامل آهي، هن چيو ته ڪنهن  به امن واري عمل ۾ آمريڪا سدائين افغانستان جي مفادن جو دفاع ڪيو آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه ملڪن جو طالبان تي اثر رسوخ آهي ۽ انهن سان رابطو آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته  اهڙا ملڪ ۽ ان موقعي مان فائدو حاصل ڪندي امن استحڪام لاءِ ڪم ڪندا هن چيو ته افغانستان ۾ ڪشيدگي جاري رهڻ سان ڪنهن به ملڪ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. رشيد دوستم جي وطن واپسي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عبدالله عبدالله چيو ته هو نائب صدر طور پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهندو، جڏهن ته وفد جي ترڪي اچڻ وڃڻ وارو معاملو غور هيٺ آهي، اهو ڄاڻڻ لاءِ  ته پاڪستان جي چونڊن مان انهن کي ڪهڙيون اميدون آهن.ڊاڪٽر عبدالله عبدالله چيو ته افغانستان چونڊن نتيجن تي نظرون ڄمائي ويٺو آهي پر چونڊن جا اثر تڏهن پوندا جڏهن سويلين ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ ٻئي گڏجي ڪري هڪ  فيصلو ڪن ته افغانستان ۾ عدم استحڪام جي اجازت نه ڏني ويندي يا وري طالبان کي امن ڳاليهن لاءِ پابند ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے