22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آمريڪا سان ڌمڪين جي ڇانوَ ۾ ڳالهيون نه ٿينديون: ايران

Will not Talk With Us in The Champion Chain: Iranتهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بهرام قاسمي چيو آهي ته ايران ڌمڪين جي ڇانوَ ۾ آمريڪا سان هڪ طرفيون ڳاليهون نه ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان بهرام قاسمي چيو آهي ته ايراني قوم هڪ مهذب ۽ بهادر قوم آهي جيڪا ڌمڪين جو جواب ڌمڪي سان ۽ عزت جو جواب احترام سان ڏئي سگهي ٿي. آمريڪا وساري ڇڏي ته هو ڌمڪيون ڏئي ايران کي ڳالهين تي مجبور ڪري سگهي ٿو.  اسان دٻاءُ، بدمعاشي ۽ ناجائز مطالبن اڳيان نه جهڪنداسين. بهرام قاسمي وڌيڪ چيو ته اڄ به ماضي وانگر آمريڪي اختيارين تي ڳالهين جو يقين نٿو ڪري سگهجي انڪري آمريڪا کي گهرجي ته هو پنهنجي حيثيت ۽ پوزيشن ڏسي ڪري ايران جي مقام ۽ مرتبي تي ڳالهيون ڪن. ياد رهي ته آمريڪا طرفان ايراني جوهري معاهدي کان ڌار ٿيڻ بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا سخت ڪشيدگي جو شڪار آهن، جڏهن ڪجهه ڏينهن دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن طرفان بيانن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے