19 اربع , سيپٽمبر 2018

ايڇ آر سي پي چونڊ عمل ۾ ٿيندڙ خامين جي نشاندهي ڪري ڇڏي

The HRC has identified the safety of the election processلاهور(ويب ڊيسڪ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) جي  رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته چونڊ عمل دوران ڪجهه هنڌن تي پولنگ اسٽاف هڪ مخصوص سياسي جماعت جي پاسي جانبدار هو ۽ هنن ٻئي پارٽي جي اسٽال تان پرچي حاصل ڪندڙ ووٽرن کي ڪمزور سببن جي بنياد تي واپس موٽائي ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن  موجب ايچ آر سي پي جي مبصرن جي انگن اکرن تي ٻڌل شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مثال اهڙا آهن جنهن ۾ عورت ووٽرن ٻڌايو ته هنن کان پڇو ويو ته هو ڪنهن کي ووٽ ڏئي ڏيڻ جو ارادو رکن ٿيون، ان کانسواءِ ڪميشن کي مختلف علائقن مان اهي شڪايتون پڻ مليون آهن ته عورتن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. انساني حقن واري اداري طرفان چيو ويو آهي ته اهڙيون حالتون قانون جي خلاف ڀڃڪڙي آهي، انڪري اميد آهي ته اهڙن معاملن کي تُرت شفافيت سان حل ڪيو ويندو. ايچ آر سي پي طرفان جاري ڪيل پريس ريليز موجب چونڊن واري ڏينهن ڪميشن جي نگران ٽيم قومي اسمبلي جي 67 سيٽن جو مشاهدو ڪيو، اجن ۾ 12 بلوچستان، 14 ڪي پي ڪي ۽ قبائلي علائقن، 21 پنجاب ۽ اسلام آباد ۽ 20 سنڌ مان هيون. گڏيل طور تي ايچ آر سي پي مشاهدو ڪيو ته الڪيشن ڪميشن(اي سي پي) جي مجموعي ڪاڪردگي ڪافي حد تائين بهترين رهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميشن پنهنجي کاتي جو ڪم سٺي نموني سان انجام ڏنو جڏهن ته سياسي مواد ۾ سندن ڪم اميدن کان گهٽ رهيو، ان کان سواءِ پولنگ اسڪيمون غيرتسلي بخش هيون، ۽ لاهور ڪنٽونمنٽ جي مختلف ووٽرن کي اها به خبر نه هئي ته انهن کي ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو آهي. ايڇ آر سي پي موجب ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنون گڏ ٺاهيو ويو هيون  جيڪي ووٽرن جي انگ جي حساب سان تمام ننڍيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ سڄو ڏينهن پولنگ جو عمل سست رفتاري جو شڪار رهي، ان کانسواءِ مختلف ڪيسن ۾ غيرتربيت يافته عملو پڻ نظر آيو. ان کان سواءِ ايڇ آر سي پي کي پريزائڊنگ آفيسرن طرفان پڻ شڪايتون مليون آهن ته هن سڄي رات پولنگ اسٽيشن تي گذاري پر کيس سرڪاري طور تي پنهنجي ساٿين لاءِ کاڌي جي سهولت فراهم نه ڪئي وئي. رپورٽ موجب چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن ننڍيون ۽ هوادار نه هيون جڏهن ڪجهه هنڌن تي پکا به موجود نه هئا. انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڪميشن ان ڳالهه کي محسوس ڪري ٿو ته هڪ ٽاسڪ  ڏيڻ بعد اليڪشن ڪميشن اسٽاف کي ان کي بهتر طريقي سان نڀائڻ گهرجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے