23 آچر , سيپٽمبر 2018

اين اي 206: پيپلر پارٽي جو سيد خورشيد شاهه واضح اڪثريت سان ڪامياب

NA-206: Syed Khursheed Shah of the Pepperar Party, with the clear explanationسکر(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن ۾ سکر جي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 206 جي سمورين پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا مڪمل ٿي ويا آهن ۽ انهن نتيجن موجب هتان پاڪستان پيپلز پارٽي جي خورشيد شاهه واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهي ۽ هن ميدان ماريندي پي ٽي آءِ جي سيد طاهر شاهه کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب سکر جي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 206 جي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه 81 هزار 223 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ اميدوار سيد طاهر شاهه 50 هزار 614 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. واضح رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، سيد خورشيد شاهه نئي قومي اسمبلي ۾ اهو واحد پارليامنٽ ميمبر آهي جيڪو 1988 کان ويندي هن وقت تائين لاڳيتو چونڊجڻ هو ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن سمورين چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ لاڳيتو بنا ڪنهن وقفي جي ٽيهه سالا عوامي خدمت جو منفرد ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح پارليامنٽ ۾ لاڳيتو  ٽيهه ورهيه گذاريندڙ ۽ چونڊن ۾ سدائين ناقابل شڪست رهندڙ هو اڪيلو پارليامنٽ ميمبر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے