19 اربع , سيپٽمبر 2018

وقاق ۽ صوبن ۾ ڪهڙي جماعت حڪومت ٺاهي سگهندي؟

 ECP 2018: Get the clearance of the Pakistan Tehreek-e-Insafڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ 2018 جي ٿيندڙ عام چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ نتيجا اچڻ سان گڏوگڏ اهو به واضح ٿيندو پيو وڃي ته ڪهڙي جماعت وفاق ۽ ڪهڙي صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي. قومي اسبلي جي ۾ ڪُل سيٽن جو انگ 272 آهي ۽ ان حساب سان سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به جماعت کي 137 سيٽون گهربل هونديو آهن. سڄي ملڪ مان ملندڙ 42 سيڪڙو غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف هن وقت تائين قومي اسمبلي جون 111 سيٽون حاصل ڪري چڪي آهي ۽ ان کي سادي اڪثريت لاءِ وڌيڪ 126 سيٽون گهربل آهن.  هن وقت تائين نتجين موجب ٻئي نمبر ايندڙ پارٽي ن ليگ آهي جنهن جي سيٽن جو انگ 64 آهي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ 43 سيٽن سان اڳتي آهي. موجودا صورتحال موجب تحريڪ انصاف کي قومي اسمبلي جي سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ يا ته آزاد اميدوارن کي پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻو پوندو يا هو ڪنهن ٻي جماعت سان گڏجي حڪومت ٺاهڻي پوندي. پنجاب اسمبلي ۾ ڪُل سيٽن جو انگ 371 آهي جن مان 66 عورتن ۽ 8 غير مسلم لاءِ  مخوص آهن. ان حساب سان سادي اڪثريت 186 ٺهي ٿي. پنجاب اسمبلي جي 297 سيٽن تي سڌو سنئون چونڊون ٿينديون آهن ۽ سادي اڪثريت لاءِ 149 يا 150 سيٽون گهربل هونديون آهن. پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي 41 سيڪڙو نتيجن موجب مسلم ليگ ن 132 سيٽن سان پهرين ۽ تحريڪ انصاف 121 سيٽن سان ٻئي جڏهن ته 29 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا. اهڙي طرح پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ سخت مقابلي جي توقع آهي. ڪي پي ڪي اسمبلي جي ڪُل 124 آهي جن مان 99 سيڪڙو سيٽن تي اميدوار سڌو سنئون چونڊبا آهن، اهڙي طرح سادي اڪثريت ٺاهڻ لاءِ 50 يا 51 اميدوار گهربل هوندا آهن. ڪي پي ڪي اسمبلي جي 35 سيڪڙو نتيجن موجب تحريڪ انصاف کي 66 سيٽن سان گڏ واضح برتري حاصل آهي ۽ هو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سنڌ اسمبلي جي 130 جنرل سيٽن تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت 66 آهي ۽ صوبي جي 28 سڪيرو چونڊ نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي 73 سيٽن تان چونڊ کٽي پهرين نمبر تي ۽ هو صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ پارٽي تحريڪ انصاف آهي جنهن اميدوارن جو انگ 23 آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سنڌ ۾ 18 سيٽن تي برتري حاصل آهي. بلوچستان اسمبلي جي 65 سيٽن تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت 33 يا 34 آهي. صوبي ۾ جنرل سيٽن جو انگ 51 آهي جنهن ۾ سادي اڪثريت 26 يا 27 ٺهي ٿي. صوبي جي 28 سيڪڙو نتيجن موجب بلوچستان عوامي پارٽي 14 سيٽن سان اڳتي آهي جڏهن ته  بلوچستان نيشنل پارٽي 9 سيٽن سان ٻئي ۽ آزاد اميدوار 7 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهن. ان سڄي صورتحال ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ انتهائي دلچسپ صورتحال ڏسڻ ۾ ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے