18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ايم ڪيو ايم  پاڪستان پاران چونڊن ۾  ڌانڌلي جو الزام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم  پاڪستان پاران چوندن ۾  ڌانڌلي جو الزام، فيصل سبزواري جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪيترن ئي تڪن تي خدشا آهن .متحدا قومي موومينٽ پاڪستان اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ڪيترن ئي تڪن جي نتيجن تي اسان کي خدشا آهن، اليڪشن ڪميشن طرفان حيدرآباد ۾ اسان جي پولنگ ايجنٽس کي سرٽيفائيڊ ڪاپي نه ڏني وئي، اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اسان کي سرٽيئفائيڊ ڪاپي ڏئي، جيڪڏهن تصديق ٿيل نتيجا نه مليا ته هر پولنگ اسٽيشن تي احتجاج ڪنداسين.فيصل سبزواري چيو ته اليڪشن جا نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ اين اي 249 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 89 ۽ تڪ 243 جي پولنگ اسٽيشن تي ايم ڪيو ايم جي پولنگ ايجنٽ کي ٻاهر ڪڍيو ويو.هن چيو ته تڪبندين ۾ وقت کان اڳ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، وچ ضلعي ۾ شهرين جا ووٽ منتقل ڪيا ويا آهن، انهي سڀ ڪجهه جي باوجود ايم ڪيو ايم جو ووٽر ٻاهر نڪتو، شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے