24 سومر , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

The PML-N asked for increasing an hour of pollingاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن اليڪشن ڪميشن کان پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين سيد چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان کي خط لکيو  جنهن  ۾ اليڪشن دوران پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مشاهد حسين سيد جو چوڻ آهي ته پولنگ ا سٽيشنز تي ڊگھيون قطارون لڳل آهن جنهن سبب پولنگ جو عمل سست رفتاري جو شڪار آهي انڪري پولنگ جي وقت ۾هڪ ڪلاڪ جو اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به ووٽر کي ووٽ جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017 جو سيڪشن 70 پولنگ جي وقت ۾ اضافو جو اختيار ڏئي ٿو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو  چوڻ آهي ته پولنگ جو وقت وڌائڻ بابت ن ليگ جي درخواست ناهي ملي جڏهن ته درخواست ملڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آصف زرداري کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے